نيم حڪيم ~ Little Knowledge

August 9, 2009 by bhittai

نيم حڪيم جان جي لاءِ خطرو آهي ۽ نيم عالِم ايمان جي لاءِ خطرو آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ انسان جي اڌوري ڄاڻ اسان سڀني جي لاءِ خطرو آهي. اهوئي سبب آهي جو هڪٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان پاڻ ئي ڪافي آهيون، اسان کي ڪنهن ٻاهرين آفت جي ضرورت ناهي. اسان کي خبر آهي ته اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي پوءِ به هن دنيا ۽ عالَم جي لاءِ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون فتوائون جاري ڪيون ٿا ويٺا، نه صرف فتوائون پر ان تي وٺ وٺان ۽ ماراماري شروع ٿي ٿي وڃي

 اسان هڪڙي قسم جا حياتاتي روبوٽ آهيون جيڪي پاڻ سوچڻ شروع ڪن ٿا، پر جيئن ته اسان جي سوچ جي هڪ حد مقرر آهي سو جڏهن هر سوال جو جواب نه ٿو ملي تڏهن گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي. جنهن انسان کي جيتري ڄاڻ گهٽ آهي اهو اوترو بي فڪر آهي ۽ جنهن کي جيتري ڄاڻ وڌيڪ آهي اهو اوترو فڪر ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو ان کي اندازو ٿي ٿو وڃي ته سندس معلومات اڻپوري آهي. شاه سائين ان ڪري چون ٿا

 الله ڏاهِي مَ ٿيان ڏاهيون ڏُکَ ڏِسن،مون سان مون پِريَنِ ڀورائِي ۾ ڀالَ ڪيا

تخليق هئڻ جي ڪري اسان کي پورو جواب خالق کان ئي ملي سگهي ٿو ۽ ضروري ناهي ته اهو جواب اسان کي سمجه ۾ به اچي، ڇو جو وري به اسان مخلوق آهيون، تخليقار ناهيون. اسان جي لاءِ ڀلو ان ۾ ئي آهي ته چپ چاپ ڪري هڪ روبوٽ وانگي هلندا رهون. ان سان نه دنيا ۾ فساد ڦهلبو ۽ نه ئي وري اسان جي مٿي ۾ سور پوندو. پر ايتري سوچ ويچارڪرڻ ضروري آهي جيتري هڪ روبوٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪري ٿو

امن ۽ سڪون ~ Peace and Prosperity

August 8, 2009 by bhittai

امن ۽ سڪون هرڪنهن جي ضرورت آهي.  انسان امن ۽ سڪون جي تلاش ۾ پنهجو ڪٽنب قبيلو ڇڏي وڃي ٻي جهان نڪرن ٿا. دنيا ۾ ڪوئي ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو سگهي جي اتي امن سڪون ڪونهي. ڀلي پڙهائي هجي، ٽيڪنالاجي هجي، پر جي امن ناهي ته ڪجه نه ٿيندو. آهستي آهستي اها تعليم به اتان امن سان گڏ پنهنجو پاڻ هلي ويندي. دنيا جي وڏن انقلابن جو هڪ اهم مقصد امن امان ۽ انصاف قائم ڪرڻ رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ان کانسواءِ ڪجه به حاصل نه ٿو ٿي سگهي. ٻيو ته ڇڏيو پر هيڏو سارو گڏيل قومن وارو ادارو به دنيا ۾ رڳو امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي

 جيڪي دوست سگهارن ملڪن ۾ رهن ٿا انهن کي ڄاڻ آهي ته امير ملڪن ۾ رهڻ وارا ماڻهو اسان کان وڌيڪ امن ۽ سڪون جي ڳولها ۾ رهن ٿا. جي انهن کي ڪوئي موقعو ملي ٿو ته لکين رپيا ڀري وڃي ڪنهن پُر سڪون جاءِ تي رهن ٿا. نه رڳو خوبصورت علائقا پر عربستان جهڙي واري جي ڍيرن ۽ برپٽ کي به ماڻهو وڃي سيڙجي ڏسن ٿا پيا. قدرت جا ڪرشما ڏسي ڪري ماڻهن کي امن ۽ سڪون ملي ٿو. دنيا جا ڪيترائي ملڪ رڳو ٻاهرين ماڻهن جي سير۽ سياحت تي هلن ٿا پيا. سنڌ ته موئن جي دڙي کان وٺي ويندي کير ٿر تائين قدرتي خوبصورتي سان ڀري پئي آهي پر بدامني جي ڪري پوئتي پئي آهي

اسان جي بدقسمتي رڳو اها ناهي جواسان جا پنهنجا حڪمران اسان جي دولت ڦٻايون ويٺا آهن، پر وڏو الميو اهوآهي جو اهي ظالم هن ملڪ جو امن ۽ سڪون به برباد ڪيون ويٺا آهن، جيڪو پاڻ هُرتوئي ترقي ۽ سُڪار جو بنياد آهي. ڀلي اسان جا بي حِس ڀوتار پنهنجا ڀڀ ڀرن، پر جي رڳو امن ۽ سڪون جي خاطري ڪرائين ته به گنج ٿيندو. جيڪڏهن امن ۽ سڪون کي رهڻ ڏنو وڃي ته به اسان جو ملڪ ۽ ماڻهو پاڻ ئي آهستي آهستي مالا مال ٿي ويندا. پر افسوس جو اسان جا اڳواڻ اسان جي لاءِ اهو به نه ٿا ڪرڻ گهُرن ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي پيا هڻن

تعليم ۽ سياست ~ Education and Politics

July 17, 2009 by bhittai

اسان جا ۽ ملڪ جا مسئلا انيڪ آهن پر هاڻي هڪ ڳاله سمجه ۾ اچي ٿي ته بنيادي حل آهي پڙهائي ۽ تعليم. جي تعليم مسئلن جو حل آهي ته پوءِ سياست ڇا جي لاءِ آهي؟ فرق هي آهي ته تعليم اسان جي ذاتي مسئلن جو حل آهي ۽ سياست ملڪ ۽ رياست جي مسئلن جو حل آهي جيڪي اسان سڀني تي اثر انداز ٿين ٿا. اها ڳاله صحيح آهي ته جيستائين تعليم نه هوندي ته ملڪي مسئلن جو حل به نه نڪرندو ڇاڪاڻ جو تعليم هر شئي جو بنياد آهي. پر بهرحال اهو سچ آهي ته رياستي مسئلن جو حل سياست ۾ ئي آهي

 سياست ۾ رڳو نوڪريون ڏيڻ وٺڻ ئي ناهي، پر هڪ قوم جي فلاح، بهبود، امن امان، ترقي، سائنس ٽيڪنالاجي، ملڪن ۽ پرڳڻن سان تعلقات، ٻولي، مذهب، ثقافت، مطلب ته پيءُ ماءُ کان پوءِ رياست ئي آهي جيڪا ان ۾ رهندڙ انسانن جو خيال ۽ خدمت ڪري سگهي ٿي، جيئن فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿو . اهو ئي سبب آهي جو اسان پاڻ کي ڇورو ٻار محسوس ڪريون ٿا ڇاڪاڻ جو رياست اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ٿي ۽ اسان جا سياستدان ڄڻڪ چالوڪم ڪرن ويٺا

سياست جي ايتري سطح ناس ڪئي وئي آهي جو ان جي نالي وٺڻ سان ئي دل خراب ٿيو وڃي. پر حقيقت اها آهي ته ان کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ۽ واهَ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو جملي ملڪي مسئلا صحيح سياست کانسواءِ ختم ڪون ٿيندا. انڪري اها اسان جي هميشه ڪوشش رهڻ  گهرجي ته چڱا ماڻهو سياست ۾ اچن. اُهي ماڻهو جيڪي انسانن جي ڀلائي گهُرن ٿا سي سياست کان گهڻو پري رهي ڪون سگهندا ڇو جو سياست سان ئي وڏي پيماني تي ۽ هڪ جٽادار تبديلي آڻي سگهجي ٿي

پيغمبر~Prophet

June 7, 2009 by bhittai

اسان ساري ڄمار هڪ اهڙي ماڻهو کي ڳولهيندا رهون ٿا جيڪو اسان سان سٺو دوست ٿي هلي. اسان ان کان نه اها اميد رکون ٿا ته هو  گامون سچار هوندو، نه اها اميد رکون ٿا ته پنهنجي فائدي کي ڇڏي اسان جو سوچيندو، نه اها اميد رکون ٿا ته هو لالچ لوڀ کان پاڪ هوندو ۽ نه ڪي ساڙ، حسد ۽ تيسي توائي کان آجو هوندو. دنيا جهان جون سڀ ڪوتاهيون هجڻ به اسان کي منظور آهن، ڇڙو اهو گهرجي ٿو ته جڏهن اهو دوست ملي ته چڱي نموني ملي، ٿورو کلي ڳالهائي ۽ تڪليف نه ڏئي. پر اهڙو ماڻهو به هن دنيا ۾ ملڻ سولو ڪونهي 

اسان کي هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪواهڙو سچار ماڻهو ملي وڃي ، جنهن ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو هجي ته شايد ڪيترائي ماڻهو ان جا مريد ٿي وڃن. ڪيترائي ماڻهو رڳو انڪري هڪ فنڪار جا متوالا ٿي وڃن ٿا جو هن جو آواز مٺو آهي, ڪيترائي ماڻهو موهجي پون ٿا ڇاڪاڻ جو انهن ڪو ايتروسهڻو ماڻهو ناهي ڏٺو، ڪيترائي ماڻهو هڪ ليڊر جا ديوانا ٿي وڃن ٿا رڳو انڪري جو هو حق جي ڳاله ڪري ٿو، ڪيترائي ماڻهو پنهجي جان مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ڇو جو انهن جو رهنما انصاف ۽ برابري جي ڳاله ڪري ٿو

پيغمبر هڪ اڪمل انسان ٿئي ٿو جنهن جي زندگي هڪ مثالي ۽ هر گناه کان پاڪ ٿئي ٿي. اهڙو انسان جيڪو هر ڪنهن جو ڀلو گهري، جنهن کي ڪنهن سان نفرت نه هجي، جيڪو ذات پات ۽ رنگ روپ جو فرق نه رکي،  جيڪو هر انسان کي هڪجهڙو مانُ ڏئي، ڪنهن سان زيادتي نه ڪري، علم جو خزانو هجي، فهم سان ڀرپور هجي، انسانيت جو علمبردار هجي، غريبن جو هڏڏوکي هجي، امير جو خيرخواه هجي، عدل۽ انصاف جو گهر هجي…. اهو تصور ڪرڻ ئي هڪ وڏي ڳاله آهي ته ڪو اهڙو انسان هوندو جنهن ۾ دنيا جهان جو سڀ سُٺايون ڪٺيون هجن ۽ ان ۾ ڪا مَٺائي ۽ گهٽتائي نه هجي

پر جي اهو تصور حقيقت ۾ بدلجي وڃي ته ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو اهڙي انسان جي قربت کان بچندو يا ڪيٻائيندو ۽ پنهنجي جان ۽ مال قربان نه ڪندو. نه رڳوهڪ اعليٰ انسان پرهڪ پيغمبر جيڪو هن قائنات جي حقيقتن کي ڄاڻندو هجي ۽ جيڪوهن عالم جي لاءِ رحمت ئي رحمت هجي ان جي دوستي ۽ رهنمائي کان هڪ بدقسمت ئي محروم ٿي سگهي ٿو. شاه سائين پيغمبر پاڪ لاءِ فرمائن ٿا

سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي

حقيقت ۽ خواب~Dream and Reality

June 6, 2009 by bhittai

ڪيترائي ڀيرا خواب ڏسڻ ڀيري ۽ خواب ڏسڻ کانپوءِ ما ڻهو کي ائين لڳندو آهي جهڙوڪ هو حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هجي. ڪڏهن ته خواب ڏسڻ دوران ماڻهو جاڳي پوندو آهي ۽ اها خواب واري ڪيفيت ان تي تاري هوندي آهي، ڄڻڪ اهوسڀ ڪجه ان سان واقعي ٿي رهيو هجي. ان مان لڳي ٿو ته حقيقت ۽ خواب ۾ ٿورو ئي فرق آهي

ساڳئي طرح ڪيتريون ئي حقيقتون اسان کي خواب لڳن ٿيون. جيئن گذريل زندگي خواب لڳي ٿي ۽ نشي يا خمار ۾ ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻڪ ماڻهو ستين آسمان تي ويٺو هجي. حقيقت ۽ خواب ۾ خاص فرق اهو آهي ته خواب ۾ بظاهر ماڻهو ڇُهي نه ٿو سگهي. پر جي ڏٺو وڃي ته ڇُهڻ ۽ نه ڇُهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي

هرشئي جيڪا ۽ جيئن اسان محسوس ڪريون ٿا اها اسان جي دماغ جي ڪري آهي. جي دماغ جواب ڏئي ويهي ته نه ڪا خوشبوءِ جي خبر پوي ۽ نه بدبوءِ جي. ماڻهو ساڳيا آهن پر هر ڪنهن جو احساس ۽ مزو الڳ الڳ شئي ۾ آهي ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن جو دماغ مخطلف درجي تي ڪم ڪري ٿو. تنهنڪري ڪنهن کي پيسا ڪمائڻ سان خوشي ٿئي ٿي ته وري ڪنهن کي پيسا ڦرڻ سان

اها دماغ جي هڪ حالت آهي جنهن ۾ اسان کي ڇُهڻ جو احساس ٿئي ٿو. جي اهو احساس ڇهڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان به ٿئي، ته اسان جي لاءِ ڳاله ساڳئي هوندي. دماغ پاڻ هڪ ماده شئي آهي، ان ۾ جان روح وجهي ٿو. خواب دوران روح پرواز ڪندو رهي ٿو ۽ دماغ کي اهڙو احساس ملندو رهي ٿو جهڙوڪ اهو حقيقت ۾ سڀ ڪجه ٿي رهيو هجي. تنهڪري خواب ۽ حقيقت هڪ شئي جا ٻه مخطلف احساس آهن

سِڪَ ~ Longing

May 30, 2009 by bhittai

قدرت هر شئي جو مزو مخطلف رکيو آهي. ڪنهن شئي جو مزو خوشبوءِ ۾ آهي ته ڪنهن جو ذائقي ۾ . ڪنهن شئي کي ڇُهڻ سان مزو اچي ٿو ته ڪنهن کي رڳو ڏسڻ سان. ڪنهن شئي کي حاصل ڪرڻ سان مزو اچي ٿو ته ڪنهن جي سڪ ۾ وڌيڪ سُرور آهي. ڪيتريون ئي شيون نه ملڻ ۾ ڀلائي هوندي آهي پر اسان کي تيستائين سڪون ناهي ايندو جيستائين اها ملي نه ٿي يا وري اسان بي حال نه ٿا ٿيون. احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن نقصان ٿي چڪو هوندو آهي يا جڏهن نتيجو سامهون اچي ٿو

جيئن ته اسان کي پنهنجي ڀلائي جي به خبر ڪونهي تنهنڪري جيستائين اها شئي ملي نه تيستائين اسان منهن سُجائي پيا گهمندا آهيون، ۽ جڏهن اها ملي ٿي وڃي تڏهن ان جو قدر وسري ٿو وڃي. انڪري جو انسان تمام گهٽ خوش ٿيڻ واري شئي آهي. جن کي گهربل شئي ملي  وئي انهن کي خبر آهي ته ملڻ کان وڌيڪ مزو سڪ ۾ آهي. جن کي ملي وڃي ٿي انهن جي زندگي مان جهڙوڪ مزو گهٽيو وڃي ۽ زندگي يڪسانيت ۾ بدلجي ٿي وڃي، جيئن لطيف سرڪار فرمايو

ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان شال مَ مِلان هوتَ، من اندر جي جوتَ مِلڻ سان ماِٺي ٿئي

ان جو هڪ مطلب اهو آهي ته ماده شين جو حصول انسان جو معراج نه آهي. اها ڪا غير ماده شئي آهي جنهن جي لاءِ انسان واجهائيندو رهي ٿو ۽ جنهن جي ملڻ سان من جو مطلب پورو ٿئي ٿو. ان جو ٻيو مطلب اهو آهي ته جيڪا شئي انسان ماڻي سگهي ٿو اهو ان جو معراج ناهي، ان جو معراج ان شئي ۾ آهي جيڪا ان جي پهچ کان مٿي آهي ۽ جنهن جي حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، سو آهي سڪ ۾ رهڻ. سڪ جو مزو اهو آهي جو انسان سڄي زندگي خوب کان خوبتر سوچيندو رهي ۽ جڏهن معراج ٿئي ته اهو ان جي سوچ کان ايترو مٿي هجي جو ڪائي خواهش ۽ اتساه باقي نه رهي

Discrimination ~ ڪـيـنـو

April 19, 2009 by bhittai

ڪينو، ساڙ ۽ حسد انسان جي جند ۾ شامل آهن ۽ اڪثر ماڻهوان سان ڀريا پيا آهن. ڪي چند ان کان آجا آهن پر ان جو حملو سڀن ماڻهن تي ٿئي ٿو. اسان مان گهڻا سمجهندا آهن ته اهي ڪيني کان بچيل آهن پر اهو اڪثر غلط هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو انسان هڪ ته ضرورتمند آهي ٻيو وري ان کي وڏائي آهي. گهُرج ساڙ کي وڌائي ٿي ته وري وڏائي ان کي ٻيڻو ڪري ٿي

اسان کي ڪيني جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسان سان ڪو ڏاڍ ڪري ٿو، پر جڏهن اسان ڪنهن سان ڏاڍ ڪيون ٿا تڏهن ان کي محسوس نه ٿا ڪيون. ڪينا پروري هڪ بيماري آهي ۽ اڪثر انسان ان ۾ ڦاٿل آهن. ڪينا پروري جا ڪيترائي نمونا آهن جيئن رنگ، نسل، جنس، ٻولي، مذهب، قبيلو ۽ درجا بندي وغيره. شاه سائين جن فرمائن ٿا ته ڪيني واري کي آخر ۾ ملي ڪجه ڪونه ٿو

پاندَ ۾ پائي ويو ڪِيني وارو ڪِينڪِي

 هرڪنهن وٽ ڪيني جو پنهنجو مفهوم آهي، ڪي رنگ پروري کي ڪينو سمجهن ٿا ته ڪي وري ٻولي ۽ مذهب کي، پر حقيقت ۾ ڪينو ڪينو ئي آهي پوءِ ان جو بڙ بنياد ڪهڙو به هجي. ڪيني ۽ حق پرستي ۾ فرق آهي، ڪينو اهو آهي ته هر ماڻهو سان نفرت ڪجي توڻي جو ان ماڻهو ۾ اها برائي نه هجي. حق پرستي اها آهي ته جيڪو برو انسان آهي رڳو ان سان نفرت ڪئي وڃي

ڪينو، ساڙ ۽ حسد ماڻهوءَ جون مڙئي نيڪيون ساڙي ڇڏين ٿا. اهو انسان رڳو منفي سوچن ۾ مبتلا رهي ٿو، جنهن سان ان جون صلاحيتون سڙي پٽ ٿيو وڃن. نتيجي ۾ هو مايوسي ۽ منفي سوچن جو کاڄ ٿي وڃي ٿو. ڪيني کان بچڻ سولو نه آهي اهو ڪيترن ئي نمونن سان حملا ڪري ٿو. ان ڪري اهو انسان فرشته صفت آهي جيڪو حق سچ جي ڳاله ڪري ۽ ڪيني کان به بچيو رهي

هڪجهڙائي~Homogeneousness

April 4, 2009 by bhittai

خدا جيڪڏهن گهُري ها ته سڀني کي هڪ ٻولي ، ثقافت ۽ مذهب وارو پيدا ڪري ها. جيڪي ماڻهو اهو مڃين ٿا ته هي قائنات خدا جوڙي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي اها ڳاله ضرور مڃڻ گهرجي ها. پر افسوس جو ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جو خيال آهي ته هي الڳ الڳ ٻوليون ، ثقافتون ۽ رنگ سڀ ختم ٿيڻ گهرجن! ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين خدا جي پريشاني گهٽ ۽ پنهنجو پيٽ ۾ سور وڌيڪ آهي

جيڪڏهن دنيا ۾ سڀ ماڻهوانگريزي ڳالهائڻ شروع ڪن ته ڪو دنيا ۾ مزو رهندو؟ ائين ٿئي ها ته پوءِ فرانسيسي ٻوليءَ جو رومانس، عربي ٻوليءَ جو قرآن ۽ سنڌيَ ٻوليءَ ۾ شاه جو رسالو ڪٿان ملي ها؟ اهو بالڪل ائين آهي جيئن سڄي زمين سڌو پٽ ٿي وڃي يا وري رڳو پهاڙئي پهاڙ ٿي وڃي، جيڪا هوند هن دنيا جي سڄي سونهن وڃائي ڇڏي ها

  خدا پاڪ هن دنيا جو بنياد بظاهر تضاد تي رکيو آهي. اوله آهي ته اوڀر به آهي، عورت آهي ته مرد به آهي، غريب آهي ته امير به آهي ۽ خدا آهي ته شيطان به آهي. ان ۾ ئي سڄو راز رکيل آهي، اهو راز پروڙڻ ئي وڏي پرولي آهي جنهن تي سائنسدانن کان وٺي ويندي درويشن تائين هرڪو قسمت آزمائي ڪندو رهيو آهي

 ڪيترائي انقلاب آيا پر جنهن به زبردستي اهي قدرتي فرق مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي اهي پاڻ مٽجي ويا. پرجيڪڏهن ڪو انهن قدرتي ويڇن جي اندر رهندي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته نه صرف اهو ڪامياب ٿيندوپر اهڙو ماڻهو۽ جٿو کيرون لهڻي، ڇاڪاڻ جو قدرت جي سرشتي ۾ جيڪا سڀ کان اهم شئي آهي اها آهي ترتيب ۽ جيڪا شئي سڀ کان خراب آهي سا آهي فساد (disorder)

Applaud ~ ساراه

March 28, 2009 by bhittai

ساراه ان سرڪار جي آهي جنهن هي قدرت جو ڪارخانو جوڙيو. ڌڻيءَ کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڳاله وڻي ٿي سا ساراه آهي، ان ڪري چيو ويو آهي ته ٻي هرڳاله معاف ٿي سگهي ٿي پر شرڪ نه ٿيندو. هونءَ ته ساراه هرڪنهن کي گهرجي ٿي پر جيترو جيڪو وڌيڪ سهڻو اوترو ان کي ساراه جي وڌيڪ طلب ٿئي ٿي، پوءِ جيڪڏهن خدا پاڪ جهڙي سڀ کان سهڻي حستي اسان کان اها گهرج ڪري ته اهو بالڪل حق بجانب آهي

 نه رڳو خدا کي پر انسان کي به سڀ کان وڌيڪ جيڪا شئي وڻي ٿي سا پڻ ساراه آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي حسن جي واکاڻ ڪندا ته اهوماڻهو ٻهڪي پوندو. بادشاه کان وٺي ويندي هڪ معصوم ٻار تائين جيڪا ڳاله ماڻهو کي موهي ٿي سا ساراه ئي آهي. ان مان اوهان اندازو ڪري سگهوٿا ته چمچا سڀ کان وڌيڪ ڇوڪامياب هوندا آهن

 هڪ ٻار کي اوهين ڀلي سڀ ڪجه ڏيو پر جي اوهين ان کي واه واه نه ڪئي ته هو موڳو رهندو. پر جي اوهين ان جي ساراه ڪندا ته هو گل وانگي ٽڙي پوندو. ساراه انسان جي ذهني ۽ جسماني اوسر جي لاءِ نهايت ضروري آهي. تنهنڪري جن ٻارن تي والدين جو توجه رهي ٿو اهي ذهني ۽ جسماني طور صحتمند ٿين ٿا

هڪ فنڪار کي جيڪڏهن واه واه نه ٿي ته اهو فن جو مظاهرو نه ڪري سگهندو، ۽ اسان مان هرڪو فنڪار آهي. پر جنهن جي واه واه ٿي ته اهو  وري کنڊرجي نه وڃي ڇو ته واه واه تي ڪيترائي ماڻهو پنهجو مٿو ڪوڙائي ويهندا آهن. چوندا آهن ته ڍءُ هڪ واڻيو جهلي ٻيو مينهن. ان ڪري اسان جا هندو دوست ڪامياب آهن  

سٺي ڳاله اها آهي ته ساراه ڪرڻ سستي ۽ سولي آهي ۽ نه ڪو ان ۾ خرچ آهي. اها ڪنجوسيءَ جي حد ٿيندي جو ماڻهو ڪنهن جي ساراه ڪرڻ کان ڪيٻائي. نه صرف اها ڪنجوسي ٿيندي پر اها بي سمجهي جي به حد ٿيندي ڇاڪاڻ جو ’واه واه’ اهي ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪي هونءَ اڻ ٿيڻا نظر ايندا

Who to Believe

February 20, 2009 by bhittai

There are few categories of people who want us to believe in them about the origins of life and universe. Scientists, philosophers, and prophets; question is who to believe? Where scientists have made huge progress, they also have created encyclopedia of ignorance. Most of them say that they don’t know the complete truth, rest of them think that since there is no better alternative so they have to follow their mind.

Philosophers deduct and infer from the logical reasoning and we don’t know how much we can rely on that. Basically they rely on the human brain and we know human mind has limitations and is always in the process of evolution. To me philosophers are trying to make themselves happy and other people impressed.

Challenge is not to believe in what we know, the challenge is to believe in  what we don’t know because we know that we don’t know. Scientists and philosophers are not confident and sure about what they say. Prophets on the other hand were very confident about what they said. Also there is no comparison of character between scientists and prophets, the prophets had very strong character and life.

That is why literate as well as  illiterate, naive as well as noted scholars believed in prophets whereas that is not true of the scientists and philosophers. What prophets said is true even today and that has not changed, whereas science and philosophy keep changing. What should be criteria and who we should believe, is up to us though it doesn’t necessarily has to be only one of them.