خوبصورتي دنيا ۾ ائين پکڙي پئي آ
خدا جي رحمت جيئن وکري پئي آ
حبيبن جي حب اهڙي ٿيندي رهي آ
مهراڻ ۾ موج جهڙي ٿيندي رهي آ
دلبر مٿان ديد اهڙي کتي پئي آ
جنت جي حور جهڙي ستي پئي آ
محبت جي ميخ ائين کپي وئي آ
غريبن جي چيله جيئن ٽٽي وئي آ
چڱن جي چڱائي ائين هلندي رهي آ
باغن ۾ بهاري جيئن هلندي رهي آ
ڏاڍن جي ڏاڍائي اهڙي ڦهلي پئي آ
شيطان جي نحوست ڄڻ ته اٿلي پئي آ
ماڻهن منجهان محبت ائين وڪامي وئي آ
گلن منجهان سرهائي جيئن اڏامي وئي آ
Advertisement