پيغمبر~Prophet

By bhittai

اسان ساري ڄمار هڪ اهڙي ماڻهو کي ڳولهيندا رهون ٿا جيڪو اسان سان سٺو دوست ٿي هلي. اسان ان کان نه اها اميد رکون ٿا ته هو  گامون سچار هوندو، نه اها اميد رکون ٿا ته پنهنجي فائدي کي ڇڏي اسان جو سوچيندو، نه اها اميد رکون ٿا ته هو لالچ لوڀ کان پاڪ هوندو ۽ نه ڪي ساڙ، حسد ۽ تيسي توائي کان آجو هوندو. دنيا جهان جون سڀ ڪوتاهيون هجڻ به اسان کي منظور آهن، ڇڙو اهو گهرجي ٿو ته جڏهن اهو دوست ملي ته چڱي نموني ملي، ٿورو کلي ڳالهائي ۽ تڪليف نه ڏئي. پر اهڙو ماڻهو به هن دنيا ۾ ملڻ سولو ڪونهي 

اسان کي هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪواهڙو سچار ماڻهو ملي وڃي ، جنهن ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو هجي ته شايد ڪيترائي ماڻهو ان جا مريد ٿي وڃن. ڪيترائي ماڻهو رڳو انڪري هڪ فنڪار جا متوالا ٿي وڃن ٿا جو هن جو آواز مٺو آهي, ڪيترائي ماڻهو موهجي پون ٿا ڇاڪاڻ جو انهن ڪو ايتروسهڻو ماڻهو ناهي ڏٺو، ڪيترائي ماڻهو هڪ ليڊر جا ديوانا ٿي وڃن ٿا رڳو انڪري جو هو حق جي ڳاله ڪري ٿو، ڪيترائي ماڻهو پنهجي جان مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ڇو جو انهن جو رهنما انصاف ۽ برابري جي ڳاله ڪري ٿو

پيغمبر هڪ اڪمل انسان ٿئي ٿو جنهن جي زندگي هڪ مثالي ۽ هر گناه کان پاڪ ٿئي ٿي. اهڙو انسان جيڪو هر ڪنهن جو ڀلو گهري، جنهن کي ڪنهن سان نفرت نه هجي، جيڪو ذات پات ۽ رنگ روپ جو فرق نه رکي،  جيڪو هر انسان کي هڪجهڙو مانُ ڏئي، ڪنهن سان زيادتي نه ڪري، علم جو خزانو هجي، فهم سان ڀرپور هجي، انسانيت جو علمبردار هجي، غريبن جو هڏڏوکي هجي، امير جو خيرخواه هجي، عدل۽ انصاف جو گهر هجي…. اهو تصور ڪرڻ ئي هڪ وڏي ڳاله آهي ته ڪو اهڙو انسان هوندو جنهن ۾ دنيا جهان جو سڀ سُٺايون ڪٺيون هجن ۽ ان ۾ ڪا مَٺائي ۽ گهٽتائي نه هجي

پر جي اهو تصور حقيقت ۾ بدلجي وڃي ته ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو اهڙي انسان جي قربت کان بچندو يا ڪيٻائيندو ۽ پنهنجي جان ۽ مال قربان نه ڪندو. نه رڳوهڪ اعليٰ انسان پرهڪ پيغمبر جيڪو هن قائنات جي حقيقتن کي ڄاڻندو هجي ۽ جيڪوهن عالم جي لاءِ رحمت ئي رحمت هجي ان جي دوستي ۽ رهنمائي کان هڪ بدقسمت ئي محروم ٿي سگهي ٿو. شاه سائين پيغمبر پاڪ لاءِ فرمائن ٿا

سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي

One Response to “پيغمبر~Prophet”

  1. نثار ابڙو Says:

    سبحان الله ، سائين اوهانجا اهڙا خيال پڙهي انتهائي خوشي ٿي،
    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن، اڻتوريو ئي اگهايو.

    ڌڻي اوهانکي بري نظر کان بڇائي ۽ سٺي صحت عطا فرمائي … آمين

Leave a Reply