حقيقت ۽ خواب~Dream and Reality
By bhittai
ڪيترائي ڀيرا خواب ڏسڻ ڀيري ۽ خواب ڏسڻ کانپوءِ ما ڻهو کي ائين لڳندو آهي جهڙوڪ هو حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هجي. ڪڏهن ته خواب ڏسڻ دوران ماڻهو جاڳي پوندو آهي ۽ اها خواب واري ڪيفيت ان تي تاري هوندي آهي، ڄڻڪ اهوسڀ ڪجه ان سان واقعي ٿي رهيو هجي. ان مان لڳي ٿو ته حقيقت ۽ خواب ۾ ٿورو ئي فرق آهي
ساڳئي طرح ڪيتريون ئي حقيقتون اسان کي خواب لڳن ٿيون. جيئن گذريل زندگي خواب لڳي ٿي ۽ نشي يا خمار ۾ ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻڪ ماڻهو ستين آسمان تي ويٺو هجي. حقيقت ۽ خواب ۾ خاص فرق اهو آهي ته خواب ۾ بظاهر ماڻهو ڇُهي نه ٿو سگهي. پر جي ڏٺو وڃي ته ڇُهڻ ۽ نه ڇُهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي
هرشئي جيڪا ۽ جيئن اسان محسوس ڪريون ٿا اها اسان جي دماغ جي ڪري آهي. جي دماغ جواب ڏئي ويهي ته نه ڪا خوشبوءِ جي خبر پوي ۽ نه بدبوءِ جي. ماڻهو ساڳيا آهن پر هر ڪنهن جو احساس ۽ مزو الڳ الڳ شئي ۾ آهي ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن جو دماغ مخطلف درجي تي ڪم ڪري ٿو. تنهنڪري ڪنهن کي پيسا ڪمائڻ سان خوشي ٿئي ٿي ته وري ڪنهن کي پيسا ڦرڻ سان
اها دماغ جي هڪ حالت آهي جنهن ۾ اسان کي ڇُهڻ جو احساس ٿئي ٿو. جي اهو احساس ڇهڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان به ٿئي، ته اسان جي لاءِ ڳاله ساڳئي هوندي. دماغ پاڻ هڪ ماده شئي آهي، ان ۾ جان روح وجهي ٿو. خواب دوران روح پرواز ڪندو رهي ٿو ۽ دماغ کي اهڙو احساس ملندو رهي ٿو جهڙوڪ اهو حقيقت ۾ سڀ ڪجه ٿي رهيو هجي. تنهڪري خواب ۽ حقيقت هڪ شئي جا ٻه مخطلف احساس آهن
This entry was posted on June 6, 2009 at 2:58 pm and is filed under Sindhi. You can follow any responses to this entry through the RSS 2.0 feed.
You can leave a response, or trackback from your own site.