سِڪَ ~ Longing

By bhittai

قدرت هر شئي جو مزو مخطلف رکيو آهي. ڪنهن شئي جو مزو خوشبوءِ ۾ آهي ته ڪنهن جو ذائقي ۾ . ڪنهن شئي کي ڇُهڻ سان مزو اچي ٿو ته ڪنهن کي رڳو ڏسڻ سان. ڪنهن شئي کي حاصل ڪرڻ سان مزو اچي ٿو ته ڪنهن جي سڪ ۾ وڌيڪ سُرور آهي. ڪيتريون ئي شيون نه ملڻ ۾ ڀلائي هوندي آهي پر اسان کي تيستائين سڪون ناهي ايندو جيستائين اها ملي نه ٿي يا وري اسان بي حال نه ٿا ٿيون. احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن نقصان ٿي چڪو هوندو آهي يا جڏهن نتيجو سامهون اچي ٿو

جيئن ته اسان کي پنهنجي ڀلائي جي به خبر ڪونهي تنهنڪري جيستائين اها شئي ملي نه تيستائين اسان منهن سُجائي پيا گهمندا آهيون، ۽ جڏهن اها ملي ٿي وڃي تڏهن ان جو قدر وسري ٿو وڃي. انڪري جو انسان تمام گهٽ خوش ٿيڻ واري شئي آهي. جن کي گهربل شئي ملي  وئي انهن کي خبر آهي ته ملڻ کان وڌيڪ مزو سڪ ۾ آهي. جن کي ملي وڃي ٿي انهن جي زندگي مان جهڙوڪ مزو گهٽيو وڃي ۽ زندگي يڪسانيت ۾ بدلجي ٿي وڃي، جيئن لطيف سرڪار فرمايو

ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان شال مَ مِلان هوتَ، من اندر جي جوتَ مِلڻ سان ماِٺي ٿئي

ان جو هڪ مطلب اهو آهي ته ماده شين جو حصول انسان جو معراج نه آهي. اها ڪا غير ماده شئي آهي جنهن جي لاءِ انسان واجهائيندو رهي ٿو ۽ جنهن جي ملڻ سان من جو مطلب پورو ٿئي ٿو. ان جو ٻيو مطلب اهو آهي ته جيڪا شئي انسان ماڻي سگهي ٿو اهو ان جو معراج ناهي، ان جو معراج ان شئي ۾ آهي جيڪا ان جي پهچ کان مٿي آهي ۽ جنهن جي حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، سو آهي سڪ ۾ رهڻ. سڪ جو مزو اهو آهي جو انسان سڄي زندگي خوب کان خوبتر سوچيندو رهي ۽ جڏهن معراج ٿئي ته اهو ان جي سوچ کان ايترو مٿي هجي جو ڪائي خواهش ۽ اتساه باقي نه رهي

Leave a Reply