Discrimination ~ ڪـيـنـو

By bhittai

ڪينو، ساڙ ۽ حسد انسان جي جند ۾ شامل آهن ۽ اڪثر ماڻهوان سان ڀريا پيا آهن. ڪي چند ان کان آجا آهن پر ان جو حملو سڀن ماڻهن تي ٿئي ٿو. اسان مان گهڻا سمجهندا آهن ته اهي ڪيني کان بچيل آهن پر اهو اڪثر غلط هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو انسان هڪ ته ضرورتمند آهي ٻيو وري ان کي وڏائي آهي. گهُرج ساڙ کي وڌائي ٿي ته وري وڏائي ان کي ٻيڻو ڪري ٿي

اسان کي ڪيني جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسان سان ڪو ڏاڍ ڪري ٿو، پر جڏهن اسان ڪنهن سان ڏاڍ ڪيون ٿا تڏهن ان کي محسوس نه ٿا ڪيون. ڪينا پروري هڪ بيماري آهي ۽ اڪثر انسان ان ۾ ڦاٿل آهن. ڪينا پروري جا ڪيترائي نمونا آهن جيئن رنگ، نسل، جنس، ٻولي، مذهب، قبيلو ۽ درجا بندي وغيره. شاه سائين جن فرمائن ٿا ته ڪيني واري کي آخر ۾ ملي ڪجه ڪونه ٿو

پاندَ ۾ پائي ويو ڪِيني وارو ڪِينڪِي

 هرڪنهن وٽ ڪيني جو پنهنجو مفهوم آهي، ڪي رنگ پروري کي ڪينو سمجهن ٿا ته ڪي وري ٻولي ۽ مذهب کي، پر حقيقت ۾ ڪينو ڪينو ئي آهي پوءِ ان جو بڙ بنياد ڪهڙو به هجي. ڪيني ۽ حق پرستي ۾ فرق آهي، ڪينو اهو آهي ته هر ماڻهو سان نفرت ڪجي توڻي جو ان ماڻهو ۾ اها برائي نه هجي. حق پرستي اها آهي ته جيڪو برو انسان آهي رڳو ان سان نفرت ڪئي وڃي

ڪينو، ساڙ ۽ حسد ماڻهوءَ جون مڙئي نيڪيون ساڙي ڇڏين ٿا. اهو انسان رڳو منفي سوچن ۾ مبتلا رهي ٿو، جنهن سان ان جون صلاحيتون سڙي پٽ ٿيو وڃن. نتيجي ۾ هو مايوسي ۽ منفي سوچن جو کاڄ ٿي وڃي ٿو. ڪيني کان بچڻ سولو نه آهي اهو ڪيترن ئي نمونن سان حملا ڪري ٿو. ان ڪري اهو انسان فرشته صفت آهي جيڪو حق سچ جي ڳاله ڪري ۽ ڪيني کان به بچيو رهي

Leave a Reply