هڪجهڙائي~Homogeneousness

By bhittai

خدا جيڪڏهن گهُري ها ته سڀني کي هڪ ٻولي ، ثقافت ۽ مذهب وارو پيدا ڪري ها. جيڪي ماڻهو اهو مڃين ٿا ته هي قائنات خدا جوڙي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي اها ڳاله ضرور مڃڻ گهرجي ها. پر افسوس جو ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جو خيال آهي ته هي الڳ الڳ ٻوليون ، ثقافتون ۽ رنگ سڀ ختم ٿيڻ گهرجن! ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين خدا جي پريشاني گهٽ ۽ پنهنجو پيٽ ۾ سور وڌيڪ آهي

جيڪڏهن دنيا ۾ سڀ ماڻهوانگريزي ڳالهائڻ شروع ڪن ته ڪو دنيا ۾ مزو رهندو؟ ائين ٿئي ها ته پوءِ فرانسيسي ٻوليءَ جو رومانس، عربي ٻوليءَ جو قرآن ۽ سنڌيَ ٻوليءَ ۾ شاه جو رسالو ڪٿان ملي ها؟ اهو بالڪل ائين آهي جيئن سڄي زمين سڌو پٽ ٿي وڃي يا وري رڳو پهاڙئي پهاڙ ٿي وڃي، جيڪا هوند هن دنيا جي سڄي سونهن وڃائي ڇڏي ها

  خدا پاڪ هن دنيا جو بنياد بظاهر تضاد تي رکيو آهي. اوله آهي ته اوڀر به آهي، عورت آهي ته مرد به آهي، غريب آهي ته امير به آهي ۽ خدا آهي ته شيطان به آهي. ان ۾ ئي سڄو راز رکيل آهي، اهو راز پروڙڻ ئي وڏي پرولي آهي جنهن تي سائنسدانن کان وٺي ويندي درويشن تائين هرڪو قسمت آزمائي ڪندو رهيو آهي

 ڪيترائي انقلاب آيا پر جنهن به زبردستي اهي قدرتي فرق مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي اهي پاڻ مٽجي ويا. پرجيڪڏهن ڪو انهن قدرتي ويڇن جي اندر رهندي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته نه صرف اهو ڪامياب ٿيندوپر اهڙو ماڻهو۽ جٿو کيرون لهڻي، ڇاڪاڻ جو قدرت جي سرشتي ۾ جيڪا سڀ کان اهم شئي آهي اها آهي ترتيب ۽ جيڪا شئي سڀ کان خراب آهي سا آهي فساد (disorder)

Leave a Reply