Applaud ~ ساراه
By bhittai
ساراه ان سرڪار جي آهي جنهن هي قدرت جو ڪارخانو جوڙيو. ڌڻيءَ کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڳاله وڻي ٿي سا ساراه آهي، ان ڪري چيو ويو آهي ته ٻي هرڳاله معاف ٿي سگهي ٿي پر شرڪ نه ٿيندو. هونءَ ته ساراه هرڪنهن کي گهرجي ٿي پر جيترو جيڪو وڌيڪ سهڻو اوترو ان کي ساراه جي وڌيڪ طلب ٿئي ٿي، پوءِ جيڪڏهن خدا پاڪ جهڙي سڀ کان سهڻي حستي اسان کان اها گهرج ڪري ته اهو بالڪل حق بجانب آهي
نه رڳو خدا کي پر انسان کي به سڀ کان وڌيڪ جيڪا شئي وڻي ٿي سا پڻ ساراه آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي حسن جي واکاڻ ڪندا ته اهوماڻهو ٻهڪي پوندو. بادشاه کان وٺي ويندي هڪ معصوم ٻار تائين جيڪا ڳاله ماڻهو کي موهي ٿي سا ساراه ئي آهي. ان مان اوهان اندازو ڪري سگهوٿا ته چمچا سڀ کان وڌيڪ ڇوڪامياب هوندا آهن
هڪ ٻار کي اوهين ڀلي سڀ ڪجه ڏيو پر جي اوهين ان کي واه واه نه ڪئي ته هو موڳو رهندو. پر جي اوهين ان جي ساراه ڪندا ته هو گل وانگي ٽڙي پوندو. ساراه انسان جي ذهني ۽ جسماني اوسر جي لاءِ نهايت ضروري آهي. تنهنڪري جن ٻارن تي والدين جو توجه رهي ٿو اهي ذهني ۽ جسماني طور صحتمند ٿين ٿا
هڪ فنڪار کي جيڪڏهن واه واه نه ٿي ته اهو فن جو مظاهرو نه ڪري سگهندو، ۽ اسان مان هرڪو فنڪار آهي. پر جنهن جي واه واه ٿي ته اهو وري کنڊرجي نه وڃي ڇو ته واه واه تي ڪيترائي ماڻهو پنهجو مٿو ڪوڙائي ويهندا آهن. چوندا آهن ته ڍءُ هڪ واڻيو جهلي ٻيو مينهن. ان ڪري اسان جا هندو دوست ڪامياب آهن
سٺي ڳاله اها آهي ته ساراه ڪرڻ سستي ۽ سولي آهي ۽ نه ڪو ان ۾ خرچ آهي. اها ڪنجوسيءَ جي حد ٿيندي جو ماڻهو ڪنهن جي ساراه ڪرڻ کان ڪيٻائي. نه صرف اها ڪنجوسي ٿيندي پر اها بي سمجهي جي به حد ٿيندي ڇاڪاڻ جو ’واه واه’ اهي ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪي هونءَ اڻ ٿيڻا نظر ايندا
This entry was posted on March 28, 2009 at 2:53 pm and is filed under Sindhi. You can follow any responses to this entry through the RSS 2.0 feed.
You can leave a response, or trackback from your own site.
March 28, 2009 at 8:52 pm |
Very good article.
April 4, 2009 at 11:08 am |
Beautiful
August 29, 2009 at 5:16 am |
Fantastic