پيغمبر~Prophet
June 7, 2009 by bhittaiسارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
حقيقت ۽ خواب~Dream and Reality
June 6, 2009 by bhittaiڪيترائي ڀيرا خواب ڏسڻ ڀيري ۽ خواب ڏسڻ کانپوءِ ما ڻهو کي ائين لڳندو آهي جهڙوڪ هو حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هجي. ڪڏهن ته خواب ڏسڻ دوران ماڻهو جاڳي پوندو آهي ۽ اها خواب واري ڪيفيت ان تي تاري هوندي آهي، ڄڻڪ اهوسڀ ڪجه ان سان واقعي ٿي رهيو هجي. ان مان لڳي ٿو ته حقيقت ۽ خواب ۾ ٿورو ئي فرق آهي
ساڳئي طرح ڪيتريون ئي حقيقتون اسان کي خواب لڳن ٿيون. جيئن گذريل زندگي خواب لڳي ٿي ۽ نشي يا خمار ۾ ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻڪ ماڻهو ستين آسمان تي ويٺو هجي. حقيقت ۽ خواب ۾ خاص فرق اهو آهي ته خواب ۾ بظاهر ماڻهو ڇُهي نه ٿو سگهي. پر جي ڏٺو وڃي ته ڇُهڻ ۽ نه ڇُهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي
هرشئي جيڪا ۽ جيئن اسان محسوس ڪريون ٿا اها اسان جي دماغ جي ڪري آهي. جي دماغ جواب ڏئي ويهي ته نه ڪا خوشبوءِ جي خبر پوي ۽ نه بدبوءِ جي. ان ڪري ماڻهو ساڳيا آهن پر هر ڪنهن جو احساس ۽ مزو الڳ الڳ شئي ۾ آهي ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن جو دماغ مخطلف درجي تي ڪم ڪري ٿو. تنهنڪري ڪنهن کي پيسا ڪمائڻ سان خوشي ٿئي ٿي ته وري ڪنهن کي پيسا ڦرڻ سان
ڪنهن شئي کي ڇُهڻ جو احساس به دماغ ئي ڏئي ٿو، اها دماغ جي هڪ حالت آهي جنهن ۾ اسان کي ڇهڻ جو احساس ٿئي ٿو. جي اهو احساس ڇهڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان به ٿئي، ته اسان جي لاءِ ڳاله ساڳئي هوندي. دماغ پاڻ هڪ مادي شئي آهي ۽ ان کي جان روح ڏئي ٿو. خواب دوران روح پرواز ڪندو رهي ٿو ۽ دماغ کي اهڙو احساس ملندو رهي ٿو جهڙوڪ اهو حقيقت ۾ سڀ ڪجه ٿي رهيو هجي. تنهڪري خواب ۽ حقيقت هڪ شئي جا ٻه مخطلف احساس آهن
سِڪَ ~ Longing
May 30, 2009 by bhittaiقدرت هر شئي جو مزو مخطلف رکيو آهي. ڪنهن شئي جو مزو خوشبوءِ ۾ آهي ته ڪنهن جو ذائقي ۾ . ڪنهن شئي کي ڇُهڻ سان مزو اچي ٿو ته ڪنهن کي رڳو ڏسڻ سان. ڪنهن شئي کي حاصل ڪرڻ سان مزو اچي ٿو ته ڪنهن جي سڪ ۾ وڌيڪ سُرور آهي. ڪيتريون ئي شيون نه ملڻ ۾ ڀلائي هوندي آهي پر اسان کي تيستائين سڪون ناهي ايندو جيستائين اها ملي نه ٿي يا وري اسان بي حال نه ٿا ٿيون. احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن نقصان ٿي چڪو هوندو آهي يا جڏهن نتيجو سامهون اچي ٿو
جيئن ته اسان کي پنهنجي ڀلائي جي به خبر ڪونهي تنهنڪري جيستائين اها شئي ملي نه تيستائين اسان منهن سُجائي پيا گهمندا آهيون، ۽ جڏهن اها ملي ٿي وڃي تڏهن ان جو قدر وسري ٿو وڃي. انڪري جو انسان تمام گهٽ خوش ٿيڻ واري شئي آهي. جن کي گهربل شئي ملي وئي انهن کي خبر آهي ته ملڻ کان وڌيڪ مزو سڪ ۾ آهي. جن کي ملي وڃي ٿي انهن جي زندگي مان جهڙوڪ مزو گهٽيو وڃي ۽ زندگي يڪسانيت ۾ بدلجي ٿي وڃي، جيئن لطيف سرڪار فرمايو
ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان شال مَ مِلان هوتَ، من اندر جي جوتَ مِلڻ سان ماِٺي ٿئي
ان جو هڪ مطلب اهو آهي ته مادي شين جو حصول انسان جو معراج نه آهي. اها ڪا غير مادي شئي آهي جنهن جي لاءِ انسان واجهائيندو رهي ٿو ۽ جنهن جي ملڻ سان من جو مطلب پورو ٿئي ٿو. ان جو ٻيو مطلب اهو آهي ته جيڪا شئي انسان ماڻي سگهي ٿو اهو ان جو معراج ناهي، ان جو معراج ان شئي ۾ آهي جيڪا ان جي پهچ کان مٿي آهي ۽ جنهن جي حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، سو آهي سڪ ۾ رهڻ. سڪ جو مزو اهو آهي جو انسان سڄي زندگي خوب کان خوبتر سوچيندو رهي ۽ جڏهن معراج ٿئي ته اهو ان جي سوچ کان ايترو مٿي هجي جو ڪائي خواهش ۽ اتساه باقي نه رهي
Discrimination ~ ڪـيـنـو
April 19, 2009 by bhittaiڪينو، ساڙ ۽ حسد انسان جي جند ۾ شامل آهن ۽ اڪثر ماڻهوان سان ڀريا پيا آهن. ڪي چند ان کان آجا آهن پر ان جو حملو سڀن ماڻهن تي ٿئي ٿو. اسان مان گهڻا سمجهندا آهن ته اهي ڪيني کان بچيل آهن پر اهو اڪثر غلط هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو انسان هڪ ته ضرورتمند آهي ٻيو وري ان کي وڏائي آهي. گهُرج ساڙ کي وڌائي ٿي ته وري وڏائي ان کي ٻيڻو ڪري ٿي
اسان کي ڪيني جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسان سان ڪو ڏاڍ ڪري ٿو، پر جڏهن اسان ڪنهن سان ڏاڍ ڪيون ٿا تڏهن ان کي محسوس نه ٿا ڪيون. ڪينا پروري هڪ بيماري آهي ۽ اڪثر انسان ان ۾ ڦاٿل آهن. ڪينا پروري جا ڪيترائي نمونا آهن جيئن رنگ، نسل، جنس، ٻولي، مذهب، قبيلو ۽ درجا بندي وغيره. شاه سائين جن فرمائن ٿا ته ڪيني واري کي آخر ۾ ملي ڪجه ڪونه ٿو
پاندَ ۾ پائي ويو ڪِيني وارو ڪِينڪِي
هرڪنهن وٽ ڪيني جو پنهنجو مفهوم آهي، ڪي رنگ پروري کي ڪينو سمجهن ٿا ته ڪي وري ٻولي ۽ مذهب کي، پر حقيقت ۾ ڪينو ڪينو ئي آهي پوءِ ان جو بڙ بنياد ڪهڙو به هجي. ڪيني ۽ حق پرستي ۾ فرق آهي، ڪينو اهو آهي ته هر ماڻهو سان نفرت ڪجي توڻي جو ان ماڻهو ۾ اها برائي نه هجي. حق پرستي اها آهي ته جيڪو برو انسان آهي رڳو ان سان نفرت ڪئي وڃي
ڪينو، ساڙ ۽ حسد ماڻهوءَ جون مڙئي نيڪيون ساڙي ڇڏين ٿا. اهو انسان رڳو منفي سوچن ۾ مبتلا رهي ٿو، جنهن سان ان جون صلاحيتون سڙي پٽ ٿيو وڃن. نتيجي ۾ هو مايوسي ۽ منفي سوچن جو کاڄ ٿي وڃي ٿو. ڪيني کان بچڻ سولو نه آهي اهو ڪيترن ئي نمونن سان حملا ڪري ٿو. ان ڪري اهو انسان فرشته صفت آهي جيڪو حق سچ جي ڳاله ڪري ۽ ڪيني کان به بچيو رهي
هڪجهڙائي~Homogeneous
April 4, 2009 by bhittaiخدا جيڪڏهن گهُري ها ته سڀني کي هڪ ٻولي ، ثقافت ۽ مذهب وارو پيدا ڪري ها. جيڪي ماڻهو اهو مڃين ٿا ته هي قائنات خدا جوڙي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهي اها ڳاله ضرور مڃين ها. پر مزي جي ڳاله اها آهي ته اڪثر اهڙن ماڻهن جو خيال آهي ته هي الڳ الڳ ٻوليون ، ثقافتون ۽ رنگ سڀ بيڪار آهن ۽ انهن کي ختم ٿيڻ گهرجي! ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن کي خدا جي پريشاني گهٽ ۽ پنهنجو پيٽ ۾ سور وڌيڪ آهي
جيڪڏهن دنيا ۾ سڀ ماڻهوانگريزي ڳالهائڻ شروع ڪن ته ڇا ڪو دنيا ۾ مزو رهندو؟ فرانسيسي ٻوليءَ جو رومانس، عربي ٻوليءَ جو قرآن ۽ سنڌيَ ٻوليءَ ۾ شاه لطيف جو رسالو پوءِ ڪٿان ملندو؟ اهو بالڪل ائين آهي جيئن سڄي زمين سڌو پٽ ٿي وڃي يا وري رڳو پهاڙئي پهاڙ ٿي وڃي، جيڪا هوند هن دنيا جي سڄي سونهن وڃائي ڇڏي ها
خدا پاڪ هن دنيا جو بنياد بظاهر تضاد تي رکيو آهي. اوله آهي ته اوڀر به آهي، عورت آهي ته مرد به آهي، غريب آهي ته امير به آهي ۽ خدا آهي ته شيطان به آهي. ان ۾ ئي سڄو راز رکيل آهي، اهو راز پروڙڻ ئي وڏي پرولي آهي جنهن تي سائنسدانن کان وٺي ويندي درويشن تائين هرڪو قسمت آزمائي ڪندو رهيو آهي
ڪيترائي انقلاب آيا پر جنهن به زبردستي اهي قدرتي فرق مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي اهي پاڻ مٽجي ويا. پرجيڪڏهن ڪو انهن قدرتي ويڇن جي اندر رهندي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته نه صرف اهو ڪامياب ٿيندوپر اهڙو ماڻهو۽ جٿو کيرون لهڻي، ڇاڪاڻ جو قدرت جي سرشتي ۾ جيڪا سڀ کان اهم شئي آهي اها آهي ترتيب ۽ جيڪا شئي سڀ کان خراب آهي اها آهي فساد (disorder)
Appreciation ساراه
March 28, 2009 by bhittaiساراه ان سرڪار جي آهي جنهن هي قدرت جو ڪارخانو جوڙيو. ڌڻيءَ کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڳاله وڻي ٿي سا ساراه آهي، ان ڪري چيو ويو آهي ته ٻي هرڳاله معاف ٿي سگهي ٿي پر شرڪ نه ٿيندو. هونءَ ته ساراه هرڪنهن کي گهرجي ٿي پر جيترو جيڪو وڌيڪ سهڻو اوترو ان کي ساراه جي وڌيڪ طلب ٿئي ٿي، پوءِ جيڪڏهن خدا پاڪ جهڙي سڀ کان سهڻي حستي اسان کان اها گهرج ڪري ته اهو بالڪل حق بجانب آهي
نه رڳو خدا کي پر انسان کي به سڀ کان وڌيڪ جيڪا شئي وڻي ٿي سا پڻ ساراه آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي حسن جي واکاڻ ڪندا ته اهوماڻهو ٻهڪي پوندو. بادشاه کان وٺي ويندي هڪ معصوم ٻار تائين جيڪا ڳاله ماڻهو کي موهي ٿي سا ساراه ئي آهي. ان مان اوهان اندازو ڪري سگهوٿا ته چمچا سڀ کان وڌيڪ ڇوڪامياب هوندا آهن
هڪ ٻار کي اوهين ڀلي سڀ ڪجه ڏيو پر جي اوهين ان کي واه واه نه ڪئي ته هو موڳو رهندو. پر جي اوهين ان جي ساراه ڪندا ته هو گل وانگي ٽڙي پوندو. ساراه انسان جي ذهني ۽ جسماني اوسر جي لاءِ نهايت ضروري آهي. تنهنڪري جن ٻارن تي والدين جو توجه رهي ٿو اهي ذهني ۽ جسماني طور صحتمند ٿين ٿا
هڪ فنڪار کي جيڪڏهن واه واه نه ٿي ته اهو فن جو مظاهرو نه ڪري سگهندو، ۽ اسان مان هرڪو فنڪار آهي. پر جنهن جي واه واه ٿي ته اهو وري کنڊرجي نه وڃي ڇو ته واه واه تي ڪيترائي ماڻهو پنهجو مٿو ڪوڙائي ويهندا آهن. چوندا آهن ته ڍءُ هڪ واڻيو جهلي ٻيو مينهن. ان ڪري اسان جا هندو دوست ڪامياب آهن
سٺي ڳاله اها آهي ته ساراه ڪرڻ سستي ۽ سولي آهي ۽ نه ڪو ان ۾ خرچ آهي. اها ڪنجوسيءَ جي حد ٿيندي جو ماڻهو ڪنهن جي ساراه ڪرڻ کان ڪيٻائي. نه صرف اها ڪنجوسي ٿيندي پر اها بي سمجهي جي به حد ٿيندي ڇاڪاڻ جو ’واه واه’ اهي ڪم ڪري سگهي ٿي جيڪي هونءَ اڻ ٿيڻا نظر ايندا
Who to Believe
February 20, 2009 by bhittaiThere are few categories of people who want us to believe in them about the origins of life and universe. Scientists, philosophers, and prophets; question is who to believe? Where scientists have made huge progress, they also have created encyclopedia of ignorance. Most of them say that they don’t know the complete truth, rest of them think that since there is no better alternative so they have to follow their mind.
Philosophers deduct and infer from the logical reasoning and we don’t know how much we can rely on that. Basically they rely on the human brain and we know human mind has limitations and is always in the process of evolution. To me philosophers are trying to make themselves happy and other people impressed.
Challenge is not to believe in what we know, the challenge is to believe in what we don’t know because we know that we don’t know. Scientists and philosophers are not confident and sure about what they say. Prophets on the other hand were very confident about what they said. Also there is no comparison of character between scientists and prophets, the prophets had very strong character and life.
That is why literate as well as illiterate, naive as well as noted scholars believed in prophets whereas that is not true of the scientists and philosophers. What prophets said is true even today and that has not changed, whereas science and philosophy keep changing. What should be criteria and who we should believe, is left up to us though it doesn’t necessarily has to be only one of them.
Loving God
February 14, 2009 by bhittaiSometimes we already do something but we are not aware of it. We love God day and night because it is in our nature, yet some people think they are atheists! Have we ever thought why we are so much into beauty? That is because we seek and love God who is the most beautiful. We praise and seek beauty all the time; be it natural beauty, beauty of thought or beauty of a person. These are various forms in which we find reflection of God.
When we are in trouble we seek help, mercy and love of the Almighty. We are always in search of lasting peace and tranquility which only comes from remembrance and closeness to the Omnipresent Power. We are amazed and fascinated by the limitless universe; full of beautiful planets, satellites, moons, stars and galaxies. We cannot stop praising the great artist who created this great piece of art. Yet some believe they don’t believe in God.
Love of God is filled into our hearts, we just use different words and ways to express it. Moreover we don’t have much choice as it is our default setting. Our pursuit of perfection and happiness is also great indication of our love of God. Given our body and spirit, we cannot find perfection in worldly things, we can only achieve perfection when we reunite with our Origin. As Bhudhal Fakir says:
پنهجو وڃائي پاڻ ڪيم، حاصل صورت حق جي
Going for the Best
January 31, 2009 by bhittaiThe prophet (p.b.u.h.) said that our tomorrow should be better than today. Our ambition of going for the best is the driver behind our progress and development. This characteristic distinguishes us from animals and is the secret of great civilizations and cultures we have developed over time. Advancement in science and technology is another example of going for the best.
Even though we have flourished and progressed in all walks of life yet our level of happiness remains the same and has not increased. It is only relative that we have so many things for our excitement and luxury, that doesn’t seem to have made us happier people than before. We think that once we achieve something we will be all set and happy. That never happens rather more is needed to be happy over time which never ends. This is because our mind adapts to the conditions we live in and happiness becomes relative to those conditions.
There are basic things which if we don’t get, we sure will remain unhappy. Those are the things which are needed for survival like food, shelter, respect and freedom. All other things are relative and don’t guarantee us happiness. Folks who think they would remain happy if they got this and this, may want to review their approach.
Where going for the best is the cause of our progress and development, it has created problems for us too. We forget what we have achieved so far and therefore are never satisfied, we only repent after something is snatched or is no more with us. We tend to be ungrateful beings. We hardly appreciate what we have, we only look at what we don’t have which makes us unhappy specie on the earth.
Heart versus Mind
January 16, 2009 by bhittaiOur knowledge is relative, a person with little more knowledge can prove a right person wrong. Mind does all the reasoning but its acceptance or rejection comes from heart. This suggests that heart has more power and knowledge than mind. It’s good to think and reason but since no one’s knowledge is perfect or complete so it is all right to listen to heart when it comes to making a decision.
Mind has been and still is under the process of evolution. If people would have followed mind only, they certainly would have followed a little or no truth at all. In that case the people who were poorly ‘educated’ would have almost no chance to find the truth. At the same time only well ‘educated’ people would have some chance to find the truth and that would be a big injustice. Shah Lateef says:
هلو هلو ڪاڪِ تڙين جتي ِنينهَن اُڇَلَ
نه ڪا جَهلَ نه پَلَ سڀڪو پسي پِرينءَ کي
By giving everybody a heart and mind, God has given everyone same chance to find the truth. Since truth is not hidden so everyone can look around the magnificent universe and easily find it out by opening mind and heart. Knowledge is not through reason only, that is why we find knowledgeable people among ‘illiterate’ as well as ’educated’ people of all times.
As our languages, senses, reason and mind are limited therefore the truth cannot be easily reached through these instruments. Since our heart is free of these limitations therefore it has the ability and capability to directly grasp the truth. When our mind is unable to make a decision we should listen to our heart - that is what belief is.