جُهمر ~ Dance

October 31, 2009 by bhittai

دنيا ۾ اهڙيون شيون گهٽ آهن جن سان جسم ۽ روح ٻنهي کي مزو ايندو هجي. جُهمر هڪ اهڙي شئي آهي جنهن سان روح ۽ جسم ٻنهي کي سڪون ملي ٿو. جڏهن به انسان کي خوشي ملي ٿي ته ان جي دل جهومڻ يا جهونگارڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته روح کي سڪون ملي ٿو ۽ جسم ان جو اظهار ڪري ٿو

جهمر جا مخطلف روپ ۽ سبب آهن. دنيا جي ڪنهن ڪاميابي تي يا خوشي جي موقعي تي ماڻهو جهمر پائن ٿا. ڪي ماڻهو روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ جهمر پائن ٿا. جيئن ته جهمر ۾ هڪ لطيف ترتيب (آرڊر) آهي ان ڪري نه رڳو جسم پر روح کي به ان مان لطف اچي ٿو. ان ڪري اڪثر ماڻهن جي دل جهمر ۽ جهونگارڻ ڏانهن ڇڪجي ٿي وڃي

اسان جي روح کي سڀ کان وڌيڪ جيڪا شئي وڻي ٿي اها ترتيب آهي. ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته دنيا جي هر شئي ۾ اسان کي ترتيب ڇو ٿي وڻي؟ اها اسان جي روح جي ڪري آهي، جسم کي هروڀرو ترتيب سان ڪا گهڻي دلچسپي ڪونهي. جيڪڏهن ڪي شيون بي ترتيب پيون آهن ته جسم کي ڳڻتي ڪونه ٿيندي پر اسان جي روح کي مزو نه ايندو

جهمر ۽ ناچ ۾ فرق آهي. جهمر اُها آهي جنهن ۾ ترتيب آهي ۽ ان جو مقصد تعمير آهي. جڏهن ته ناچ اهو آهي جنهن ۾ ترتيب آهي يا ناهي پر ان جو مقصد تعمير ناهي. ناچ هڪ پيشو آهي ۽ ان جو حاصل رڳو جسماني خوشي آهي، جڏهن ته جهمر هڪ ترتيب آهي جنهن جو حاصل روح ۽ جسم ٻنهي جو سڪون آهي

وطن جي حُبَ ~ Patriotism

October 25, 2009 by bhittai

وطن جي حُبَ هڪ قدرتي جذبو آهي. دنيا ۾ ڪابه شئي اجائي نه آهي هر شئي جو ڪو مقصد آهي. خدا جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ خاص ملڪ يا پرڳڻي ۾ پيدا ڪري ٿو ته ان ۾ به ڪا حڪمت آهي. هڪ مقصد صاف ظاهر آهي ته خدا ان ملڪ ۽ قوم کي ان ماڻهو جي لاءِ پسند ڪيو. جيڪڏهن خدا اسان جي لاءِ ڪو وٿاڻ ۽ ويس پسند ڪيو ته اسان کي به اهو وڻڻ گهرجي، جنهن کي حب الوطن يا وطن جي حب چئجي ٿو

انتها پسندي هميشه ماڻهو کي حلاڪ ڪندي رهي آهي. ڪي ماڻهو حب الوطني جي خلاف حدون ٽپي ٿا وڃن ته ڪي وري وطن کي خدا جي جاءِ تي وڃي بيهارن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ خام خيالي کان ڪم ورتو وڃي ٿو. جي ٿڌو ٿي سوچجي ته وطن جي حب هڪ قدرتي جذبو آهي جنهن کي نه روڪي سگهجي ٿو ۽ نه روڪڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها ڄڻڪ خدائي مرضي جي مخالفت ٿيندي. ٻي طرف ملڪ ۽ خدا کي هڪ ڪرڻ، سڌي سئين چريائپ آهي

جيڪي ماڻهو قدرتي جذبن ۽ قدرتي قانونن جي خلاف ڳالهائين ٿا، پڪ ڄاڻو ته انهن مان ڪا چڱائي ڪانه ٿيندي، ڇاڪاڻ جو اهڙن ماڻهن جي دلين ۾ فتنو آهي. ڪجه ماڻهو مذهب ۽ مسلڪ کي ٽوڙي مروڙي پنهجي مفادن لاءِ ڪم آڻن ٿا. جڏهن اوهان ڏسو ته مذهب جي آڙ ۾ قدرتي قانون جي خلاف ڳاله ٿي رهي آهي، سمجهي وڃو ته اهي ماڻهو مذهب کي پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪري رهيا اهن. شاه لطيف مارئي جي روپ ۾ وطن جي حب هيئن بيان ڪن ٿا

واجهائي وطنَ کي، جي آئون هِتِ مُياسِ

ته گورَ مُنهنجِي سومرا، ڪِجِ پنهوارَنِ پاسِ

ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَ جِي، مَنجهان وَلِڙِنِ واس

مُيائِي جِياسِ، جي وڃي مَڙهُ مليرَ ڏي

تاريخ ~ History

October 19, 2009 by bhittai

ماضي ۽ حال ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، جيڪو ماضي ۾ ٿيو سو هاڻي به ٿئي پيو. جهڙو ظلم اڳ هيو تهڙو هاڻي به آهي، جهڙا چڱا ماڻهو اڳ هيا تهڙا هاڻي به آهن، ترقي اڳ به ٿيندي هئي ۽ هاڻي به ٿئي پئي، جهالت اڳ به هئي ۽ هاڻي به آهي، علم اڳ به هيو ۽ هاڻي به آهي. جيڪڏهن اڳ اوڀر سڌريل هو ته هاڻي اوله سڌريل آهي. ڪاله ڪارن مرچن تي جنگيون ٿيون ته اڄ تيل تي جهيڙو آهي. ڇاڪاڻ ته انسان ساڳيوئي آهي، ان جون بنيادي ضرورتون ساڳيون آهن ۽ ان جا بنيادي مسئلا به ساڳيا آهن، رڳو جايون ۽ شيون ڦرنديون رهن ٿيون

جيڪو علم ۽ هنر کي هٿ ڪندو اهو پڪ سان دنيا ۾ ترقي ڪندو. جيڪو ايمانداري ۽ انصاف کي اپنائيندو اهو سائو ۽ سڪون ۾ رهندو. جيڪو جهالت ۽ رجعت پسندي ۾ ڦاٿو اهوپوئتي پوندو ويندو. جيڪو فساد ۽ فتني کي اپنائيندو اهو بيشڪ بُرو ٿيندو. جن شين اڳ انسان کي فائدو پهچايو اڄ به انهن مان ئي لاڀ پرائي سگهجي ٿو، جن شين اڳ انسان کي تباه ڪيو اڄ به اهي ئي انسان جي تڪليف جو سبب آهن. ساڳيون شيون ساڳئي نموني موجود آهن پر اهو انسان تي ڇڏيل آهي ته هو انهن کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري

تاريخ ۾ تبديليون عظيم ماڻهن جي ڪري اينديون رهيون آهن ۽ قومن جون تباهيون گهڻو ڪري نالائق اڳواڻن جي ڪري ٿينديون رهيون آهن. اهو شايد قدرت جو فيصلو آهي ته ڪنهن قوم کي غيرتمند رهبر ملي ٿو يا نه، پر خدا به تيستائين ڪنهن قوم جي تقدير نه ٿو ڦيرائي جيستائين اها پاڻ ڪجه اڳڀري نه ٿي ٿئي، جيئن لطيف سائين فرمايو

هوتُ ته اِيندُم پاڻَ  پر ڪجُه آئون به اڳڀَرِي ٿيان

Why we need Love?

October 11, 2009 by bhittai

We need love throughout life, in childhood, in youth and in old age. Love is at the center of our lives, if we miss love at any stage we always feel the gap and run into behavioural issues. Even if we have lots of other amenities we do not live a wonderful and peaceful life if love is missing in our lives. Why love is so important to us and is not that important to animals?

We are made up of body and soul. Body belongs to this world whereas the soul belongs to Perfection. The soul was separated out from its origin forcefully and sent to this world. The soul does not like to be here and always feels the loneliness. When a baby is born it cries out first because of the separation. That’s why a child needs more attention and love for long time to bear the loss. Those who do not love kids are very cruel people.

Slowly gradually the soul gets used to the body but as it does not belong to this world, which has lots of problems, limitations and imperfections, the soul remains unhappy. Therefore we always need love to soothe our soul and to forget the separation. If needs of the soul are taken care of, the person would be happy, but if only needs of the body are take care of, the person would be unhappy.

Our love for things in this world is because of our bodily needs, the soul has nothing to do with it. Greed, cruelty and contention are the result of such love. Soul on the other hand is for the love of eternity beyond the things and means of this life. Since our soul belongs to peace and Perfection, love is extremely important to us, to help soul overcome loss of the separation from its Origin.

ڏاڍو ۽ هِيڻو ~ Weak and Mighty

October 4, 2009 by bhittai

هِيڻي سان هميشه ڏاڍو ماڻهو ڏاڍُ ڪندو رهيو آهي. زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن هر انسان تي اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو هِيڻو هوندو آهي. انسان پيدا ئي هيڻو ٿئي ٿو، جي ان جِي سار لهڻ وارو ڪو نه هجي ته شايد اهو بچي ئي نه. افسوس جو انسان پنهنجي اصليت وساري ٿو ويهي ۽ پاڻ کان ڪمزورن جو خيال ڪرڻ بجاءِ انهن سان ڏاڍُ ڪري ٿو

ڪمزور، مجبور، غريب ۽ يتيم ماڻهو هيڻو ٿئي ٿو. قدرت عورت کي ته بڻايو ئي هيڻو ڪري آهي. چوندا آهن ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. جانورن ۾ ماڻهپو ناهي هوندو انڪري اهي پاڻ کان ڪمزور جانورن تي حملو ڪن ٿا. پر انسان جي غيرت ۽ ماڻهپو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پاڻ کان ڪمزورن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو

ڪنهن سماج جي ترقي ۽ ڀلائي کي ماپڻ جوهڪ اثرائتو طريقو اهو آهي ته ان جي اندر هيڻن سان ٿيندڙ سُلوڪ کي جاچيو وڃي. جي ڪمزورن سان ماڻهن جو سُلوڪ سٺو آهي ته سگهارن سان ماڻهن جو ورتاءُ ضرور سٺو هوندو. جي اها ڳاله صحيح آهي ته پوءِ يقينا اهو چئي سگهجي ٿو ته ان سماج جا سڀ انسان پنهنجِي ۽ ٻين جِي ڀلائي ۾ رُڌل هوندا

ڪنهن قوم کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ جن شين جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي سي آهن محنت، ڀلائِي ۽ ايڪو. جي اهي بنيادي شيون ڪنهن قوم ۾ موجود آهن ته ان کي ڪوئي وڌڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. پر جي ڪنهن قوم جا ماڻهو ۽ طبقا هڪٻئي جي تباهي ۾ رُڌل هوندا ته اهي پاڻ ئي پنهنجي تباهي جو ڪارڻ بڻبا. ٻاهرين طاقتن کي ان قوم جي تباهي لاءِ ڪا محنت نه ڪرڻي پوندي

مذهب ۽ مفاد ~ Religion and Vested Interests

September 26, 2009 by bhittai

منافق ڪافر کان وڌيڪ خراب آهي ڇاڪاڻ جو منافق مومن سڏائي ڪري مومنن تي ئي وار ڪري ٿو. جيڪو ماڻهو مذهب کي پنهجي مفاد جي لاءِ ڪتب آڻي ٿو ان جهڙو ڪو منافق ئي ناهي. منافق ڪجه ڏينهن مزي ۾ گذاري ٿو پر جڏهن پڌرو ٿي پوي ٿو ته ڏاڍو ڪِنو ٿئي ٿو

اڪثر انسان پنهنجي مفاد کي سڀ کان مٿاهون رکن ٿا، دنيا ۾ هميشه اهڙا انسان گهٽ رهيا آهن جيڪي انصاف ۽ ڀلائي کي پنهنجي مفاد کان مٿاهون رکندا هجن. تهنڪري اها سوچ بي عقلائپ آهي ته جيڪڏهن هڪ مذهب جا ماڻهو يا مسلمان پاڻ ۾ گڏجي رهندا ته اهي هڪٻئي سان کير کنڊ ٿي رهندا ۽ هڪٻئي جو حق نه کائيندا

جڏهن مسلمان يا هڪ مذهب وارا گڏجي رهن ٿا ته مسئلو اڃان وڌيڪ گهمڀير ٿيو وڃي، ڇو جو ماڻهو مذهب کي ذاتي مفاد جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. جنهن ۾ هڪٻئي کي ڪافر قرار ڏيڻ ۽ ڌڙي بازي جي ڌام ڌوم ٿئي ٿي. ان جي ڪري ڪيترن ماڻهن جي مورڳو مذهب کان ئي دل بيزار ٿيو وڃي. اهڙا ماڻهو تمام وڏي لعنتاڻي ۽ سزا جا حقدار آهن جيڪي خدا ۽ مذهب کي پنهنجي وقتي ناجائز فائدن جي لاءِ ڪم آڻن ٿا

صدين کان انسان پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر طريقو ڪندا رهيا آهن، جن ۾ زبان، قوميت، مذهب ۽ رنگ تي ٻڌل حربا شامل آهن. انهن جو شڪار اهي ماڻهو ۽ قومون ٿينديون رهيون آهن جن جا اڳواڻ يا ته جاهل هيا يا عياش هيا يا وري ڪمزور هيا. خبر ناهي ته اسان جي اڳواڻن جو ڇا مسئلو هيو ۽ آهي. زبان، قوميت، مذهب ۽ رنگ سميت ڪنهن به شئي جي بنياد تي انسان سڪون سان هڪٻئي سان نه ٿا رهي سگهن جيستائين انهن جي وچ ۾ انصاف ۽ برابري قائم نه ڪبي

اسان جو فرض ~ Our Obligation

September 19, 2009 by bhittai

چَوندا آهن ته ڪنهنجي مدد ڪرڻي هجي ته ان کي ڪُرڙو ڏيڻ جي بجاءِ کيس مڇي جو شڪار سيکارڻ کپي. هونءَ به اسان ڪيترن ماڻهن کي مڇي ماني ڏيئي ٿا سگهون؟ ڪيترا اسان جا پڙهيل لکيل ماڻهو عوام جي پريشانين جو حل ڄاڻن ٿا؟ منهنجي خيال ۾ اهڙا تمام ڪي ٿورا ماڻهو هوندا. اسان جي چونڊيل اڳواڻن مان ته شايد ئي ڪنهن کي اها خبر هجي، جي هڪ اڌ کي خبر آهي به ته ان کي پنهنجي پيٽ جي لڳل آهي

جي پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ اڳواڻن جو اهو حال آهي، ته اُهو عوام جنهن کي الف ب به نه ٿي اچي، سو پنهنجي ۽ ملڪي مسئلن جي لاءِ ڇا سوچي ۽ سمجهي سگهي ٿو؟ ظاهر آهي ته اڻڄاڻائي ۽ نراسائي کانسواءِ انهن وٽ ڪجه ڪونهي. جهالت، بک ۽ پريشاني ۾ يا ته انسان پاڻ ئي ختم ٿيو وڃي يا وري ان کي صحيح يا غلط، جيڪو جهڙي نموني هلائيندو ته اُهو ائين ئي هليو هلندو

ڪيترائي ماڻهو عوام کي مختلف نعرن جي آڙ ۾ گمراه ڪندا رهيا آهن، تان جو هاڻي ماڻهن جو ويساه ۽ اميد ئي ختم ٿي وئي آهي. صحيح رهنمائي نه ملڻ جي ڪري اسان جي ماڻهن جي سڄي طاقت ۽ توانائي ضايع ٿي وئي، هاڻي ماڻهن کي ٻاٽ اونداهي لڳي ٿي ۽ ڪا لاٽَ ٻرندي نظر نه ٿي اچي

اهڙي صورتحال ۾ اُنهن ماڻهن ۽ انسان دوستن تي، جيڪي سياست ۽ سماج جو شعور رکن ٿا، اهو هڪ وڏو فرض آهي ته هو ماڻهن کي روشني جو رستو ڏيکارين. کين سڌي ۽ سولي نموني ٻڌائين ته اصلي مسئلا ڪهڙا آهن، انهن جو حل ڇا آهي ۽ آجپو ڪيئن ماڻي سگهجي ٿو؟ دوستو جتي هڪ پاپي سياستدان شيطان جو ٻيو روپ آهي، اتي هڪ نيڪ سياستدان عوام جي لآءِ دنيا ۾ وڏي رحمت آهي

 

جهالت ۽ غربت ~ Poverty and Ignorance

September 8, 2009 by bhittai

حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ته جهالت جهڙي ڪا فقيري ناهي ۽ علم جهڙي ڪا اميري ناهي. علم رڳو سَنَدَ ۽ ڊگري سان نه ٿو ملي، علم جي معنيٰ آهي انسانيت ۽ قدرت جي ڄاڻ ۽ شناس. مال ۽ دولت ماڻهو انڪري گڏ ڪن ٿا ته جيئن کين مزو ۽ سڪون ملي. جي انسان کي مال متاع به هجي پر سڪون نه هجي ته اهو سڀ بيڪار آهي. انسان کي سڪون تڏهن ئي نصيب ٿيندو جڏهن هو انسانيت ۽ قدرت جي مطابق هلندو، ۽ اهوتڏهن ٿيندو جڏهن ان وٽ اصل علم هوندو 

اسان پاڙيوارن کي ڏکائي ۽ رنجائي اها اميد رکون ٿا ته اسان مزي ۾ رهنداسين. پيسي ۽ طاقت وارو طبقو اهو سمجهي ٿو ته هو طاقت ۽ دولت سان پنهنجي لاءِ امن ۽ سڪون خريد ڪري وٺندا. هڪ واهڻ يا ملڪ ۾ جتي لکين ڪروڙين انسان بکيا ۽ ڏکيا هجن اتي چند ماڻهو نا انصافي جي بنياد تي گهڻو عرصو متارا رهي نه ٿا سگهن. يا ته سندن ضميرسُک کسي وٺندو يا وري قدرت جو قانون کين اُگهي ويندو 

انسانيت جي تقاضا آهي ته پاڻ کان هِيڻي جي مدد ڪئي وڃي. پر اسان وٽ بد قسمتي سان اها سوچ عام آهي ته پاڻ کان هيڻي کي دٻائي رکڻ گهرجي. جنهن ڪري هڪ پٽيوالي کان وٺي ويندي ملڪ جي بادشاه تائين پاڻ کان ڪمزور ماڻهن کي تنگ ڪيو وڃي ٿو. وڏيرا غريبن کي تنگ ڪيون ويٺا آهن، پوليس عوام سان ظلم پئي ڪري، راشي ڪامورا ماڻهن جو رت پيا پيئن، ته وري نا اهل ڊاڪٽر کين مُنڍون ختم پيا ڪن

جتي سڄي ملڪ ۾ ٻائيتال هجي اتي ڪير خوش ٿي سگهي ٿو توڻي جو ڪنهن کي ذاتي طور سڀ ڪجه هجي؟ حقيقت ۾ اسان هڪٻئي کي تباه ڪرڻ ۾ مصروف آهيون، اڃان به جي ويجهو ٿي ڏسبو ته نظر ايندو ته اسان اصل ۾ پنهجو پاڻ کي تباه ڪرڻ ۾ مشغول آهيون. اها اسان جي جهالت يا بي علمي آهي جنهنڪري اسان کي اها ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي. جيئن شاه سائين فرمايو ته

ڪڍِي ڪانُ ڪمانَ مان، مِيان مارِ  مَ  مون

مون ۾ آهِين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي

Life ~ زندگي

September 5, 2009 by bhittai

نه انسان پهرين هو ۽ نه رهندو، انڪري صوفين جو ان تي زور رهيو آهي ته ’مان ڪجه ناهيان’. هن دنيا جي جوڙجڪ ۽ مسئلا اهڙا آهن جو اها هميشه رهڻ جي لائق آهي به ڪونه. اڪثر ماڻهو انڪري هن دنيا جون تڪليفون سهي ٿا وڃن جو کين خبر آهي ته هي زندگي هميشه جي ناهي. جي ائين نه هجي ها ته ان پريشاني ۾ ئي ماڻهو ٻڏي وڃن ها، دنيا کي حاصل ڪرڻ جو جهيڙو پنجوڻو ٿي وڃي ها ۽ هي دنيا جهنم کان وڌيڪ اذيتناڪ ٿي پوي ها

زندگي وقت گذارڻ جو نالو آهي، جي وقت سٺو گذري وڃي ته واه واه ۽ جي نه ته به بهرحال گذري ٿو وڃي. وقت ڪنهن جي لاءِ ڪڏهن بيٺو ناهي ۽ نه ئي وري اسان جي لاءِ بيهندو. بادشاه جي لاءِ به وقت ساڳيو آهي ته فقير جي لاءِ به. انسان جي عادت رهي آهي ته جتي ڪجه وقت رهي ٿو، ان جاءِ ۽ جُوءِ سان کيس لڳاءُ ٿي ٿو وڃي. انڪري هي دنيا نه وڻندي به دل ڇڏڻ تي ڪونه ٿي ڪري

جيئن ڪنهن کي هڪ بادشاه جو ڪردار ڏيئي اسٽيج تي موڪلجي ۽ پوءِ هو چوي ته مان واقعي بادشاه آهيان ۽ اسٽيج تي هميشه جي لاءِ ويهي رهي. تهڙي نموني هن دنيا کي ڇڏڻ اسان کي ڏکيو لڳي ٿو. حقيقت ۾ هي دنيا هڪ اسٽيج آهي جتي اسان هڪ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اچون ٿا جنهن کان پوءِ اسان کي اسٽيج ڇڏڻي آهي. هي دنيا هڪ وچون آستانو آهي جتان ماڻهو هڪ ٻي منزل يا دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو

جهڙو ڪردار دنيا ۾ اسان کي ملي ٿو، اوهڙو اثر دنيا اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇڏي ٿي. جيئن هڪ سٺو ناٽڪ ڏسڻ کانپوءِ دل خوش هوندي آهي ۽ هڪ ڀوائتي فلم ڏسڻ کانپوءِ ڀئو وٺي ويندو آهي. پر اهو وسارڻ نه گهرجي ته هي دنيا هڪ ناٽڪ ئي آهي، جي ان کي ڪو سچ سمجهي ويهندو ته هن بي وفا دنيا جا ڏک سهي ڪون سگهندو. جيڪو ناٽڪ هڪ کيل سمجهي ڏسڻ گهرجي ان کي جيڪڏهن ڪو سچ سمجهي ويهي رهندو ته ان جو اهڙو ئي حال ٿيندو

دنيا جا دور ~ Eras and Ages

August 29, 2009 by bhittai

دنيا ۾ هر شئي جو هڪ دور رهيو آهي، ڪنهن دور ۾ زبردست شاعر پيدا ٿيا، ته ڪنهن دور ۾ وڏا فنڪار پيدا ٿيا. ڪو دور ويڙه ۽ بهادري جو دور هيو ته ڪو دور امن ۽ سڪون سان اُجاگر ٿيو. ڪنهن دور ۾ دريافتون وڌيڪ ٿيون ته ڪنهن ۾ وري مشاهدو گهڻو ٿيو. ڪنهن دور ۾ گهڻا اولياءَ آيا ته ڪنهن ۾ وري پيغمبر. ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال اڀري ٿو ته هاڻي اُئين ڇو نه ٿو ٿئي

هر دور ڪنهن هڪ شئي جي لاءِ گهڻو موزون ٿئي ٿو ۽ ان وقت جا حالات اهڙا ٿي ٿا پون جو پنهنجو پاڻ ئي اها شئي جنم وٺي ٿي. جيئن گهڻي گرمي ٿي وڃي، مٿان جُهڙ ۽ کِنوِڻ ڪڙڪو ڪري، ظاهر آهي ته پوءِ مِينهُن ئي وَسندو. پر ائين به آهي ته هر جُهڙ سان مِينهن نه ٿو وسي. ان مان لڳي ٿو ته جنهن مَهلَ جهڙي شئي جي ضرورت ٿئي ٿي ته قدرت انهي شئي کي آڻي ٿي ڇڏي. پر اهو سڄو سلسلو قدرتي قانون هيٺ هلي ٿو جنهن جي اسان کي پوري ڄاڻ ڪونهي

هن دور ۾ ايجادون گهڻيون ٿيون آهن، انڪري جو ماڻهن کي سهولتن جي گهڻي ضرورت هئي. ڪنهن دور ۾ وڏا وڏا شاعر پيدا ٿيا، شايد انڪري جو ماڻهن کي ان وقت پنهنجو مقصد چٽو بيان ڪرڻ ۽ نيون ٻوليون ٺاهڻ جي ضرورت هئي. ڪنهن دور ۾ ماڻهو فلسفين جي ڪڍ گهڻا هيا، شايد انڪري جو ان مهل کين دنيا ۽ ان جي پٺيان منطق ڄاڻڻ جو ڪافي اتساه هيو. ڪنهن دور ۾ صوفي گهڻا پيدا ٿيا انڪري جو ان وقت ماڻهن کي دليون ٿڌيون ڪرڻ جي تڙپ هئي

۽ منهنجي خيال ۾ پيغمبر تيستائين پئي آيا جيستائين ماڻهن کي بنيادي انسانيت جي ڄاڻ جي سخت ضرورت هئي. جڏهن ماڻهن لکڻ پڙهڻ ۽ ان کي سنڀاري رکڻ سِکي ورتو، انکان پوءِ نبوت جي سلسلي جي ضرورت نه رهِي. ڇوجو هاڻي هرڪوماڻهو بنيادي ڄاڻ رکي ٿو؛ نيڪي ۽ بدي، چڱائي ۽ مندائي جي هر ڪنهن کي خبر آهي. هاڻي جيڪڏهن پيغمبر اچي به ته شايد گهڻو فرق ڪونه پوندو ڇو ته انڪار ڪرڻ وارن پيغمبرن کي به ڪون مڃيو